دليل رند جو مقبرو

دليل رند جو مقبرو

دليل رند جو مقبرو

دليل رند جو مقبرو: هي ارڙهين صديءَ جو ماڳ تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ واقع آهي. هن مقبري 26º 20' 31″ اتر ويڪرائي ڦاڪ 67º 43' 03″ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. جهانگارن جي اولهه ۾ سيوهڻ کان 18 ميل، ديهه جهانگارا 103، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ هي مقبرو سيوهڻ، نيئنگ روڊ، جهانگارا تي پري کان ڏسي سگهجي ٿو. پڪين سرن سان ٺهيل هن مقبري جو دروازو اوڀر ۾ آهي. مقبرو سڄو چن جي گاري سان لتل آهي. اولهه ۾ محراب ٺهيل اٿس. ڪُنڊ جوڙن سان مقبري جي مٿان گنبذ ڏنل آهي. مک دروازي تي ونگن جو پانيل ڏنل آهي. اندران هر ديوار کي هڪ جارو ڏنل آهي، ٻاهران به پانيل ٺهيل آهن، مهاڙيءَ ۾ ٻه پانيل هر هڪ ڪنڊ تي آهن. گنبذ جي مٿان نيل بيٺل آهي. هن مقبري جو پلستر جتان ڪٿان اکڙي رهيو آهي. جهانگارن کان ڪائي ويندڙ روڊ تي هي وڏو قبرستان آهي، مقبرو ان قبرستان ۾ ٺهيل آهي، اڏاوت جو نمونو ٻڌائي ٿو ته اڏاوت 18هين صدي عيسويءَ جي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو